برسلز – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين ??ي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برسلز ۾ ڪشمير ڪاري ڏينهن ??ي موقعي تي منعقد هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي علي رضا سيد چيو ته ڀارت گذريل 76 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو آ??ي. ??ر سال اسان ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايون ٿا ۽ احتجاج ڪريون ٿا. هن چيو ته 76 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي سرزمين تي غيرقانوني حملو ڪري قبضو ڪيو هو جيڪو اڄ به جاري آ??ي. ??ن چيو ته ڪجهه طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي طاقت جو غلط استعمال ڪ?? ٿا ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي ڪمزور قومن تي قبضو ڪن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. علي رضا سيد چيو ته اسان عالمي برادري ۽ عالمي سول سوسائٽيز کان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.