اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي 27 آڪٽوبر ک?? ڄمون ڪشمير رياست جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀ??رت پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. ڀ??رت والا??يل ڄمون ڪشمير جي وڏي حصي کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذري ويا، ڀ??رت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو پيو اچي. گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومون ۽ عالمي تنظيمون ڀ??رت جي ظلمن کي روڪي نه سگهيون. نريندر مودي گڏيل قومن جي قراردادن جون ڌڄيون اُڏائي ڇڏيون. ڀ??رت 5 آگسٽ 2019ع تي والا??يل واديءَ ۾ سياسي نظام کي ويڙهي ڇڏيو. ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نوان قانون مڙهي ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان قيد آهن ۽ جيل جون سختيون برداشت ڪري رهيا آهن. ڀارتي ظلمن کي دنيا جي نظرن کان اوجهل رکڻ لاءِ ميڊيا تي پابنديون مڙهيون پيون وڃن. تحريڪ آزاديءَ جي هن جنگ ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي چڪا آهن. ڀ??رت جي ايڏي وڏي فوج به ڪشميرين جي خوداراديت واري جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام آهي، غزه جي تا??ا ترين صورتحال ثابت ڪيو آهي ته پُراڻا حل طلب تڪرار عالمي امن لاءِ لاڳيتو خطرو آهن، ڪشميرين جو خوداراديت وارو حق عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد ت?? ڄمي بيٺل آهي، پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. ڀ??رت طاقت جي ڏڍ تي ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو گهٽ نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.