منيلا- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊ??لرن جي ??رض جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي م??جب پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊ??لر قرض جي م??ظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي ??راهمي جو مقصد پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي م??امي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي م??جب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي ??عاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان مان 30 ڪروڙ ڊالر مقامي وسيلا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن تي خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مقصد ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف چ??و ته فنانسنگ جي ??ي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.