اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن تي زور ڏنو آهي ته اهي تعليم ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ ۽ قا??داعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن کي اختيار ڪري ملڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هو ايوان صدر ۾ ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ معذور م??ڻه?? سميت اسڪول جي ٻار?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته باني پاڪستا?? جي سنهري قدرن تي قا??م رهڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته تحريڪ پاڪستان دوران ٻار به ان ۾ شامل هئا جيڪي پنهنجي قا??د سان محبت ڪندا هئا ۽ جدا وط?? جي جدوجهد ۾ ثابت قدمي سان ساڻس گڏ بيٺل هئ??. ه?? قا??داعظم کي ٻارن پاران لکيل ڪجهه جذباتي خط پڙهي ٻڌايا ته هن نه رڳو ٻار?? جي حمايت ڪئي پر پنهنجي بچت ۾ جمع ڪيل رقم به انهن کي موڪلي. صدر چيو ته قا??داعظم معاشي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي پڪو يقين رکندو هو. هن تعليم ۽ روزگار جي شعبن ۾ عورتن ۽ معذور م??ڻه?? کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته قا??داعظم هي ملڪ انتهائي لگن ۽ عزم سان ٺاهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ا?? جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪشمير ۾ م??ڻه?? ڀارتي قا??ض فوج جي هٿان مشڪلاتن جو شڪار آهن جڏهن ته اقليتن کي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي موجوده صورتحال ٻه قومي نظريي جي اهميت کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿي جنهن ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي مسلمان?? جي لاءِ هڪ جدا وطن قا??م ڪرڻ جي ضرورت پيش ڪئي. هن چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ هو جنه?? جي جدوجهد سان دنيا ۾ تبديلي آئي. هن چيو ته هي وطن هزارين م??ڻه?? جي قربانين کانپوءِ ٺهيو هو ۽ ان کي محنت ۽ عزم سان مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ثمينه علوي ٻارن سان گڏجي قا??داعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. روايتي لباس پهريل ٻارن چئني صوبن ۽ ڪشمير جي ڀرپور ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ لوڪ نغمن تي رقص ڪيو. اکين کان محروم ٻار?? جي هڪ گروپ ”دل دل پاڪستان“ گاني تي هڪ ٽيبلو پيش ڪيو، جنهن کي حاضرين خوب ساراهيو. معذور ٻار?? جي سهولت لاءِ پوري تقريب کي اشار?? جي زبان ۾ پڻ پيش ڪيو ويو.