اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) بابت پنهنجي عزم ج?? ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان مقصد جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ تيز رفتار بنيا??ن تي ضروري قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا سان ڳا??ها??يندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.