تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪي?? جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪي?? جي پرڏيهي وزير هڪان فيدان سان مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب دوران ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪي?? جي وچ ۾ مختلف ش??بن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ترڪ صد?? رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.