اسلام آ??اد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي لاڪ ڊائون، ڪرفيو ۽ انساني حقن جي پائمالين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختيار?? واري حق ۽ آزادي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، حڪومت پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي، انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ان ڏينهن ک?? ملهائڻ انساني حقن جي فروغ لاءِ اسان جي پختي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.