اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وا??ي وفاقي وزير اسد عمر ۽ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن وا??ي خصوصي معاون عثمان ڊار جي صدارت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نادرا ج?? سينيئر آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪامياب جوان يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن سڄي ??لڪ ۾ نوجوانن جي فنانشل انڪلوزن ۽ انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.