لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت قا??داعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو جيڪو حق ۽ سچ تي ٻڌل هو جڏهن ته گانڌي اکنڊ ڀارت جو نظريو پيش ڪيو، اڄ هندستان تڪرار?? شهريت بل جي ذريعي اقليتن کي انهن جي برابري جي حق کان محروم ڪري پنهنجي ئي قا??د گانڌي جي نظريي جي نفي ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ برابري جا حق ڏئي قا??داعظم محمد علي جناح جي نظريي کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو، هو پاڪستان تحريڪ انصاف سينٽر پنجاب ريجن ۾ نئين چونڊيل ضلعي، تعلقي تنظيمن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.