اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبد??لي واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پاڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبد??لي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معي??ر کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوار??رز جي دوري جي موقعي تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.