اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ا??ڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، ا??هن نام نهاد ڀارتي جمهوريت جي فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نقاب ??ري ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌي?? قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي قيد ??ري رکيو آهي، ا??ڙي بنيادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدم?? سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.