اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي زونرجي ڪمپني لميٽيڊ جي صدر رچرڊ جي گوو، نائب صدر ڪيون چيو ?? چا??نا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي جنرل مئنيجر لي ڪان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي ڪرونا رليف فنڊ لاءِ 50 لک رپين جو عطيو ڏنو. هنن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي 30 لک رپيا ماليت جو طبي سامان پڻ عطيو ڪيو جنهن ۾ 30 هزار ماسڪ، هڪ سو اين 95 ماسڪ ?? 300 حفاظتي سوٽس شامل آهن.