اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي صوبائي چيف سيڪريٽرين سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ لاڪ ڊائون جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي ??زير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽارگيٽيڊ، سمارٽ لاڪ ڊائون جي صورتحال، اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد، آڪسيجن ۽ سيلنڊر جي درآمدم، وبا جي ڏس ۾ اهم طبي اوزارن جي ضروري ڪاٿي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي ??زير اسد عمر چيو ته صوبائي حڪومتون پرائيويٽ ڪارپوريشنز ۽ آفيسن جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪن ته سمارٽ لاڪ ڊائ??ن وارن علائقن ۾ رهندڙ ملازمن کي آفيسن مان غيرحاضري تي ڪ?? سزا نه ڏني ويندي.