اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد ??ظهر ۽ مراد ??عيد چيو آهي ته مخ??لف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مخ??لف ڌر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري اڄ ملڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، ڇا مخ??لف ڌر انهي جي ڪري احتجاج ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، 35 سال حڪومت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي اچڻ سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن جو مخ??لف ڌر کي تمام گهڻو افسوس آهي، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طا?? ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي سامهون آهن. ان ۾ مخ??لف ڌر جي اها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري حڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخ??لف ڌر جي ذميواري آهي ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آهي ته مخ??لف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.