اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ماضي ۾ قابل تجديد توانائي سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو ويو، مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ گردشي قرض تمام وڏا مسئلا آهن، توانائي شعبي جي گرفت ۾ پورو پاڪستان آهي، توانائي جي شعبي جي مسئلن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، مهانگي بجلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا مسئلا جنم وٺندا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي انرجي سيڪٽر جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جامع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس قائم ڪيون ويون ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو ويو، رپورٽس جي روشني ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي ٿي ۽ گذ??يل ڏينهن بجلي جي شعبي جي مسئلن کي ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ ا??م او يوز تي صحيحون ڪيون ويون، گذ??يل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو. آءِ پي پيز سان ا??م او يو تي صحيح بجلي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊال?? بدران پاڪستاني روپئي ۾ ڏني ويندي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي سهولت دستياب هوندي پر منافع جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بجلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي جنهن سان گردشي قرض جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار شهزاد قاسم به موجود هو.