اسلام آباد/ ميرپورخاص – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ پنهنجي شهرين کي امداد ۽ معاونت جي فراهمي جي حوالي سان ??اڪستان دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آهي، حڪومت وبا جي دوران ??لڪ جي اڌ آبادي کي امداد فراهم ڪئي، پاڪستان ان ??قت ترقي ڪندو جڏهن حڪومت ۽ رياست جو عام ماڻهو سان رابطو هجي، پاڪستان ??نهنجي اقليتن سان ??ثالي سلوڪ ڪري رهيو آهي. هو اها ڳالهه هتي ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي ورڇ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چي?? ته اڄ حڪومت ۾ اها سوچ آهي ته جڏهن ڪا مشڪل ايندي آهي ته ان صورت ۾مدد فراهم ڪئي وڃي، حڪومتون محلن جي اندر ناهن هونديون، حڪومتون عوام جي ڳالهه ڪنديون آهن، عوام سان گڏ گڏ هونديون آهن ۽ عوام جي مشڪلاتن جو حل ڪڍنديون آهن، صدر چي?? ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ دنيا ۾ پاڪستان ??ثال قائم ڪيو، پاڪستان جي حڪومت هڪ ڪروڙ 69 لک خاندانن کي 12، 12 هزار روپين جي روڪ امداد فراهم ڪئي ڇو ته عوا مشڪل ۾ هو، اسان جا ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن کي روڪ رقم ۽ پئسا پهچائڻ ضروري هو .