اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪ??تا?? ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪ??تا?? جو اهم سنگ ميل آهي، موجوده حڪومت نه رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر قرضن ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لا??ِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن اها ڳالهه انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت تحت يونيورسل سروس فنڊ پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. معاهدي تي يو ايس اي?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث محمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز جي سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.