چنيوٽ – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام ۾ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آهي، پاڪستان ۾ نه رڳو فلاحي ڪمن تي وڏي ر??م خرچ ڪئي ويندي آهي پر مديني جي رياست جي حقيقي تصور جي روشني ۾ سرندي وارا ۽ سخي ماڻهو دل کولي الله جي راهه سميت صحت، تعليم ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ دکي ماڻهن جي خدمت لاءِ خرچ ڪندا آهن، جنهن جو اجر الله تعاليٰ کين نه رڳو هن دنيا ۾ وسيع رزق عطا ڪري ڏيندو آهي پر آخرت ۾ به ان جو بي حد ثواب آهي. انجمن اسلاميه پاڪستان جي اهتمام هيٺ چنيوٽ ۾ قائم ڪيل ويلفيئر ڪامپليڪس، اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولتن سان موجود اکين جي اسپتال ايل آر بي ٽي جي افتتاح ۽ صداقت ماڊل اسڪول ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني انتهائي کليل دل ۽ وسيع ظرف رکندڙ مهمانواز قوم آهي، جنهن 35 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏنو جڏهن ته دنيا جي ٻي?? ترقي يافته ملڪ جيڪي هر وقت اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات سميت هيومن رائيٽس جو درس ڏيندا آهن ۽ نصيحتون ڪندا آهن انهن 100 افعاني وٺڻ کان به انڪار ڪيو پر اهڙا اهڙا قانون ٺاهيا ته ڪو به افغان پناهگير سندن ملڪ ۾ داخل نه ٿي سگهي، صدر چيو ته چنيوٽ جي شيخ برادري اسپتال، اسڪولز، ڪاليجز ۽ ٻيا فلاحي ادارا قائم ڪيا جنهن جي ڪم ڪرڻ جوانداز ??ه بي مثال آهي، هن چيو ته هي پاڪستاني قوم آهي جنهن 2005ع کان تباهي آڻيندڙ زلزلي کان ?سلاٹ_مشین/136842.html">?ٺي ڪورونا وائرس جي تازي عالمي وبا جي دوران ايثار واري جذبي تحت پاڻ وڌي چڙهي متاثر ماڻهن جي مدد ۽ انهن جي بحالي جو بار کنيو، جنهن جو سڄي دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، اهو ئي نه پر ٻوڏ هجي يا ٻي قدرتي آفت پاڪستاني سدائين پنهنجا وسيلا ۽ تن من ڌن سان قومي خدمت جي جذبي ۽ الله جي رضا خاطر اڳيان اڳيان رهيا آهن.