بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن کي پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن چيني خلابازن جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، کي گذريل ڏينهن صبح جو تيانگونگ خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. سرڪاري خابرو ايجنسي ۽ سرڪاري نشرياتي اداري مطابق شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي موجب شينزو 19 جي عملي ۾ 34 سالن جي وانگ هاز به شامل آهي جيڪا چين جي واحد عورت خلائي انجنيئر آهي هوءَ عملي جي مشن ۾ حصو وٺندڙ ٽين چيني عورت آهي. سي سي ٽي وي ٻڌايو ته خلائي عملي جي مشن ۾ چنڊ جي مٽي مان سرون تيار ڪرڻ جو تجربو به شامل هوندو، خلا ۾ مواد جي چر پر تي وڌيڪ لاڳت سبب چيني سائنسدانن کي اميد آهي ته هو چنڊ جي مٽي کي مستقبل ۾ بيس (اڏي) جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگهندا. تيانگونگ جنهن جو بنياد ماڊيول 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، اٽڪل 10 سال تائين استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.