اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ علاج کان وڌيڪ بيمارين کان بچاءُ طرف رجحان هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ڊينٽل ايجوڪيشن ۾ بهتري ۽ ڊينٽل سرجنز جي لاءِ نصاب ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي سربراهي وائيس چانسلر يو ايڇ ايس پروفيسر جاويد اڪرم ڪئي.