اسلام ??با?? – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا طالبان مع??هدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغ??ن سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانست??ن سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزي??اع??م عمران خ??ن سمورن پاڙيسري ملڪن خاص ط??ر تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان مع??هدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.