اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪلين انرجي طرف گامزن آهي، 2030ع تائين مجموعي توانائي جي 60 سيڪڙو ذريعن کي ڪلين انرجي ۽ 30 سيڪڙو گ??ڏي?? کي بجلي تي منتقل ڪرڻ جو هدف آهي، پاڪستان ماحو??يا??ي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورا قد?? کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلين تي پيرس معاهدي جي پنجين سالگرهه تي عالمي ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو ماحو??يا??ي آلودگي ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته پاڪستان ماحو??يا??ي آلودگي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پنجون ملڪ آهي.