اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ تعليمي شموليت هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان ??ان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضر??تن موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ ا??لاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ مالي شموليت سان گڏوگڏ انهن کي مرڪزي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.