لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شر??ع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خا??وش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ما??ول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ما??ي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ما??ولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خا?? اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گا??ڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لاهور جي ما??وليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آهن، فيبروري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خا??وش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آهي، عمران خا?? چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ما??ول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت ما??ولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شر??ع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.