اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي، پهرين مارچ کان ??مورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿين ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگهن، صدر جي مشاورت سان ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ان ??والي سان ??امهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ کان ??هنمائي، آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ آهي، موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي ڪو??ون?? وائرس جي صورتحال ۽ ڦهلاءُ جي شرح بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪو??ون?? جي ڪيسز جي انگ ۽ ڦهلاءُ جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪو??ون?? ويڪسين فرنٽ لائين ورڪرز کي لڳائي پئي وڃي. هيستائين اٽڪل 50 هزار فرنٽ لائين ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ان ??مل کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ 1166 نمبر فراهم ڪيو ويو جتي ويڪسين جي لاءِ اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا ۽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نجي شعبي پاران ويڪسين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وي?? آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين مارچ کان ??مورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي حوالي سان ??ڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چونڊ سڌارا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته صدر جي مشاورت سان ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان ??والي سان ٽائيم لائينز مقرر ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل جي مڪمل طور تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. جبري گمشدگين جي معاملي جي حوالي سان ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي شفافيت ۽ قانون جي عملداري تي پڪو يقين رکي ٿي. وزيراعظم عمران ??ان هدايت ڪئي ته ان ??والي سان پارليامينٽ ۾ قانون آڻڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ان ??والي سان ??امهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا موجوده حڪومت پاران ??ورتن کي ملڪيت ۾ انهن جو حق ڏيارڻ جي قانون کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي فوري حل جي حوالي سان قانون جي عمل کي به تيز ڪيو وڃي.