اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته و??ير??عظم عمران خ??ن اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي جي سياست جا باني آهن، عمران خ??ن اقتدار بدر??ن اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اس??ن سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحري?? انصاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. هو پاڪستان تحري?? انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته و??ير??عظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحري?? انصاف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. و??ير??عظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين ڇو ته پئسي جي سياست س??ن اخلاقي قدر پائمال ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي جي زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحري?? انصاف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سيني?? جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه اٿن.