اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي اعتماد ??ي ووٽ کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمي?? جي اليڪشن ۾ هڪ وڏي ڪاميابي ملي ??هي?? صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو ??هي?? عمران خان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته مخالف ڌر ڪرپشن، لُٽ مار ۽ ذاتي جائيداد?? جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي ??هي?? اڄوڪي اليڪشن مان اهو ثابت ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي پٺ ۾ ڇرو هنيو ??هي?? پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽي?? جي تعاون سان قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪندي سينيٽ چيئرمي?? جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ڊي ايم هر جاءِ وانگر پارليامينٽ مان به رد ٿي چڪي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ميڊيا بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ قانو?? جي حڪمراني جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي پهرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ڇو ته ملڪ هن وقت پوئتي وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي سياست پاڪستا?? جي عوام لاءِ نه پر ذاتي مفاد?? جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا لانگ مارچ کان شروع ٿي، استعيفائ?? جي ڳالهه ٿي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ٻيهر هو لانگ مارچ ۽ استعيفائ?? جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستا?? جي عوام ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نه پر ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي ??هي?? هن چيوته ته اڄوڪي سبق مان پي ڊي ايم جي سياسي تدفين ٿي چڪي آهي ان تي پاڪستا?? جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمي?? جي چونڊ جي موقعي تي مخالف ڌر ڪئميرائن جو ڊرامو رچايو، وزيراعظم جي اعتماد ??ي ووٽ جي موقعي تي به مخالف ڌر اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون جنهن جو مقصد اليڪش?? جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ هو. هن چيو ته عمران خان هڪ نڊر، سچو ۽ بهادر اڳواڻ آهي. هو ملڪ ۽ قوم کي ترقي طرف وٺي ويندو.