پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ ۾ جاري سانوڻي دوران ٻيلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي و??يراعظم جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي و??ير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ا?? موقعي تي سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سانوڻي دوران وڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان موثر مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ علائقن کي ٻيلن جي دائري ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪ??مت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻهو حڪ??مت جي ڄاڻايل منصوبي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاو??زي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سانوڻي دوران وڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سال پهرين بنجر هئي اڄ حڪ??متي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي و??ي آهي، هن چيو ته گرين پاڪستان مهم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي و??يراعظم عمران خان کي جاري سانوڻي مند دوران وڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصوبي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دوران کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دورو ڪرايو ويندو جتي حڪ??متي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي و??ي آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي و??ي آهي.