اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته افغانستان جي اٺين صوبي تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ?? آمريڪي ع??ام کي افغانستان جي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين ??ائ?? وئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي ع??ام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين ر??پين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.