اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربيلا پ??ج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پ??چي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو وي??دو?? منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن ??ان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا پ??ج توسيع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پ??دا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا ??ان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ ??ان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پ??ج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.