اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ا??م ڊي ا??) جي تج??يزن تي پي بي ا??، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي ت??ظي??ن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي ميمبرن سان پڻ تج??يزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت ڪم??ٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحافتي ت??ظي??ن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تج??يزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ۾ آندو آهي، اهي تج??يزن ڪم??ٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪري رهيا آهيون، انهن تج??يزن تي پي بي ا??، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي ت??ظي??ن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪم??ٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي ا?? تي وڌيڪ صحافتي ت??ظي??ن سان مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪم??ٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪم??ٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.