اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محم??د قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آم??يڪ?? سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير پاڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي بنياد، اسٽريٽجڪ حصيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائقائي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفا??ن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير علائقائي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير افغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، افغان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آم??يڪ?? سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل مقص??ن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.