جهلم – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آه??، هڪ د??ئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آه??، شهباز شريف سان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ مشاورت ڪرڻ ائين آه?? جيئن ڪنهن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ آفيسر ڪنهن کي لڳائڻو آه??، خطي جي اهم فيصلن جي لاءِ عالمي قيادت وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي آه??، عمران خان سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي، جن ماڻهن کي جيلسي آه?? اهي ايندڙ 5 سال به روئيندي گذاريندا، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪنداسين. اهڙن خي??لن جو اظهار هن صحافين س??ن ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ وزيراعظم عمران خان جي خاص ڌيان ڏيڻ سان اڄ جهلم ترقي طرف گامزن آه??، اسان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ٽن سالن ۾ ئي پورا ڪري ڇڏيا آه??. هن چيو ته نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪري رهيا آه??ون جيڪا جهلم مان گذرندي، ان موٽروي سان لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ سئو ڪلوميٽر جو فاصلو گهٽ ٿيندو جڏهن ته ان موٽروي سان روات، گوجر خان، سوهاوه، چڪوال، دينه، جهلم، سرائي عالمگير، کاريان، لالا موسيٰ، وزير آباد جي وڏي آبادي فائدو کڻندي جنهن کي گذريل دور ۾ موٽروي جي تعمير جي وقت نظرانداز ڪيو ويو هو. هن چيو ته اهو پراجيڪٽ نارٿ پنجاب جو سڀ کان وڏو روڊ پراجيڪٽ هوندو جنهن جو وزيراعظم نومبر ۾ افتتاح ڪندو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي آه??. افغانستان جو مسئلو هجي يا ڪشمير جو، غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقلي جو معاملو هجي يا ماحول جو، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي پاڪستان جي هر شخص جي دل جي ترجماني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران جهڙي طرح ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن آڏو رکيو، نريندر مودي کي للڪاريو، ائين پاڪستان ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته مم??ئي واقعن ۾ الزام لڳو ته هڪ پاڪستاني انهن حملن ۾ ملوث آه??، ان شخص جو ڪنهن سيڪيورٽي ايجنسي ۽ فوج سان ڪو تعلق نه هو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم شروع ڪئي وئي. هن چيو ته بلوچستان ۾ جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو ته نواز شريف ان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو حڪمران رهي چڪا آه?? جن ۾ ڪڏهن پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت ئي نه آه??. انهن قومي دولت ڦرڻ، نريندر مودي کي شادين ۾ گهرائڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪو تعميري ڪم نه ڪيو. هن چيو ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آه??، هڪ د??ئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آه??، جيڪي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ س??ن ڳنڍيل نه هجن ته اهڙي طرح جي زندگي گذارڻ انهن جو مقدر هوندو آه??، نواز شريف ۽ اشرف غني ٻئي ڊالرن جا بيگ ڀري ٻاهرئين ملڪ فرار آه??. هن چيو ته اهو انهن ماڻهن جي لاءِ سبق آه?? جيڪي سياست ته ڪن ٿا پر پنهنجي زمين س??ن ڳنڍجن نه ٿا، اهڙي قسم جي ماڻهن جو حشر اسان جي آڏو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير جهلم ۾ ڪنٽونمينٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلين سوئيپ تي جهلم جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن وقت وفاق جي نمائنده پارٽي رڳو تحريڪ انصاف آه??، وزيراعظم عمران خان جو ملڪ ۾ هر جڳهه تي ووٽ بئنڪ موجود آه??. اها اسان جي خوشقسمتي آه?? جو وفاق کي ڳنڍيندڙ ليڊر اسان وٽ موجود آه??. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. چوڌري فواد حسين چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي وکرجي چڪيون آه??، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو به ڪير نه آه??، بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي دوري جي موقعي تي ماڻهن کي 5، 5 ڪروڙ رپين جي آفر ڪئي ته اسان جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سان معاملا بهتري طرف گامزن آه??، اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جي باقي ماڻهن سان اسان جو ڪو ذاتي جهيڙو نه آه??. نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف جوابدار آه??، نيب کيس جوابدار ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آه??، نيب چيئرمين جي مقرري بابت شهباز شريف سان مشاورت ائين آه?? جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ ڪندڙ ڪير هوندو. هن چيو ته نيب جي نئين چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ٿيندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڳ ۾ حڪومتون رڳو ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا ٺاهينديون هيون، عمران خان عالمي سطح تي عوام س??ن ڳالهه ڪندو آه??، اسان نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي دوري جي ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان حقيقتون سامهون آنديون ته انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ تي دٻاءُ پيو، انگلش وومين ٽيم به انهن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آه?? جڏهن ته برطانيا جي وزيراعظم پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آه??، اها پبلڪ ڊپلوميسي جي ڪاميابي آه??، اسان عوام آڏو سڀ شيون رکيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جهلم ۾ واهن جي منصوبي جي پهرين ڊسٽري بيوٽري مارچ 2022ع ۾ مڪمل ٿي ويندي، روڊ نيٽ ورڪ جي لاءِ 15 آڪٽوبر تائين ڪمپنيون شارٽ لسٽ ٿي وينديون، آڪٽوبر جي ٽئين هفتي ۾ ان تي ڪم شروع ٿي ويندو. چار مرحلن ۾ ان تي ڪم شروع ٿي رهيو آه??، پهرين فيز ۾ للا کان پنڊ دادن خان ۽ سنگهوئي کان مصري موڙ شامل آه??. اهي ٻه فيز ايندڙ 8 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته (ن) ليگ وٽ شهباز شريف ۽ مريم نواز آه??، اهي هر هفتي ٽاس ڪن ٿا ته هن هفتي فلاڻو ليڊر هوندو ۽ اڳئين هفتي ٻئي جو وارو هوندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل اين جي هي آخري اليڪشن هوندي، ان کانپوءِ اهي اليڪشن وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هوندا، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيا آه??. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته خطي جي معاملن جي حوالي سان عالمي ليڊرشپ عمران خان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي آه?? جيڪا اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آه??، جن ماڻهن کي جيلسي آه?? ته پاڪستان جا سمورا ادارا ۽ حڪومت هڪ مٺيءَ ۾ ويڙهيل آه??، اهي ايندڙ 5 سال به ائين ئي روئيندي گذاريندا.