اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??اڻ?? عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرانس 24 ٽي وي چينل پاڪستاني فضائيه جي افغانستان ۾ پ??جشير تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا جي جعل?? خبرن کي بي نقاب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرانس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي هستي ٽي وي چينل طالبان جي پنجشير تي قبضي جي دعو??ٰ کانپوءِ پاڪستان ايئر فورس جي پنجشير تي حملن بابت جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀارت ۽ زي هندستان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي.