دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا ??فزائي ٿيندي، پاڪستان پنهنجي عوام کي ڊيجيٽل لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ خاص ڌي??ن ڏئي رهيو آهي ته جيئن انهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ معاشي ترقي مان فائدا حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي اهتمام هيٺ سيڙپڪار ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ”فورٿ ريولوشن“ جي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي. صدر حڪومت جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته انهن ڪوششن جي ڪري گذريل سال انفارميشن ٽيڪنالاجي برآمدات 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي. هن چيو ته پاڪستان 20 ڪروڙ آبادي رکندڙ ملڪ آهي جنهن جي آبادي جو هڪ وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن اڀرندڙ شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ان حقيقت کان آگاهه آهي ته ڪاروبار ۾ آسانين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا ??فزائي ٿيندي. اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي تحت آءِ ٽي جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ ون ونڊو آپريشن ذريعي قانونسازي هڪ اهم قدم آهي. ان سان انفارميشن ٽيڪنالاجي فورٿ ريولوشن جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته حڪومت ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ غيرملڪين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا ??فزائي جي لاءِ شاندار پاليسيون ٺاهي رهي آهي. ان موقعي تي صدر ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽابيس ۾ خاص ڌي??ن ڏيندي انساني ترقي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جو شعبو وڌي ويجهي رهيو آهي جنهن سان معاشي ترقي ٿيندي.