اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مالي ۽ انتظامي اختيارن جي فرا??مي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ??ئي رهيا آهيون، گلگت بلتستان کي بهتر مواصلاتي سهولتن جي فرا??مي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٺوس ترقياتي منصوبي جي ??ڳڀ??ائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسان گلگلت بلتستان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ??ئي رهيا آهيون ته جيئن انتظامي ۽ مالي اختيارن جي فرا??مي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ سمورين قانوني ۽ طريقيڪار ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪن ته جيئن گلگت بلتستان جي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن جن کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد پهچڻ جي لاءِ ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو. هن مقامي آبادي کي بهتر مواصلاتي سهولتن جي فرا??مي لاءِ علائقي ۾ جلد کان جلد انٽرنيٽ رابطو فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جي بي جي لاءِ تاريخي 5 سالا ترقياتي پئڪيج تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي جنهن جو اعلان ان جي حڪومت هن سال جي شروع ۾ ڪيو هو. پئڪيج تحت 370 ارب رپيا مالي سال 26 – 2025ع تائين مختلف ترقياتي منصوبن جي لاءِ جي بي کي جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، سيد امين الحق، بئريسٽر فروغ نسيم، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزي?? خالد خورشيد سميت لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.