دبئي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??اڪ??تان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغان حڪومت کي هڪطرفي طور تي تسليم نه ڪنداسين، افغانستان جي صورتحال سڌوسنئون ??اڪ??تان تي اثرانداز ٿئي ٿي، ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ نريندر مودي آهي، جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته ??اڪ??تان ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ هوندو، ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ ڪمند جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، زرعي معيشت ۾ 1100 ارب رپيا منتقل ٿيا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي فروغ ملي رهيو آهي، اسان وٽ 2023ع تائين ٽيڪسٽائيل جا وڌيڪ آرڊر وٺڻ جي گنجائش نه آهي، تعميرات جي ش??بي ۾ پڻ رڪارڊ سيڙپڪاري ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي خواهش آهي، افغانستان جي صورتحال سڌوسنئون ??اڪ??تان تي اثرانداز ٿئي ٿي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي سهارو ڏيون، افغانستان ۾ امن جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، اسان طالبان کي ٺوس حڪومت ٺاهڻ، آمريڪا ۽ اولهه کي افغان حڪومت کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان خطي جي ٻين ملڪن سان گڏ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪ??داسين، هڪطرفي طور تي افغان حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين. هن چيو ته افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته اهي ٻين گروپن کي به گڏ کڻي هلن. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ ڊالر جي قيمت وڌڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رهيو آهي، اسان جي ترجيح آهي ته افغانستان ۾ استحڪام اچي، اسان ڊالر جي اسمگلنگ کي به روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. هن چيو ته اسان افغانستان کي امداد به فراهم ڪري رهيا آهيون جنهن جو مقصد افغانستان ۾ استحڪام آڻڻ آهي ته جيئن اتي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت قائم ٿئي جنهن سان اسان لاڳاپا قائم ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي تي آبطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن سال ??اڪ??تان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي انبن جي ايڪسپورٽ ٿي، ايندڙ سيزن ۾ ڪينو جي پڻ بمپر فصل جي اميد آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا زرعي معيشت ۾ منتقل ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺن ۾ خوشحالي آئي، موٽرسائيڪلن جي وڪري ۾ اضافو ٿيو، ٽريڪٽرز جو وڪرو پڻ ٻيڻ تي وڌيو خاص طور تي ننڍين گاڏين جي وڪري ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اڪثر وڪرو ڳوٺن جي مارڪيٽن ۾ ٿيو. هن ٻڌايو ته فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جو سيڪٽر مڪمل طور تي ب??د هو، اسان ان سيڪٽر کي بحال ڪيو، هاڻي 2023ع تائين اسان وٽ وڌيڪ آرڊرز وٺڻ جي گنجائش نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته تعميرات جي ش??بي ۾ پڻ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، گذريل 14 مهينن دوران تعميرات جي ش??بي ۾ اٽڪل 600 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي ۽ ٽي لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن چيو ته ??اڪ??تان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اوورسيز ??اڪ??تانين پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو آيو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ??اڪ??تان جي معيشت اوورسيز ??اڪ??تانين جي ڪري بيٺل آهي. هن چيو ته جڏهن کان عمران خان اقتدار ۾ آيو آهي، ڪابينا جي هر اجلاس ۾ اوورسيز ??اڪ??تانين جي مسئلن تي ڳالهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ٻاهرئين ملڪ معمولي ڏوهن ۾ قيد 16 کان 20 هزار قيدين کي وطن واپس آندو، ڪڏهن به ڪنهن حڪومت انهن قيدين جي آزادي جي لاءِ قدم نه کنيا هئا. هن چيو ته اسان ??اڪ??تاني پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪ??و، اڄ اسان جا سفارتخانا سمنڊ پار ??اڪ??تانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان اوورسيز ??اڪ??تانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي ۽ اسان انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پڻ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي حوالي سان چيو ته سمورن ??اڪ??تانين جي دل پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳنڍيل آهي، ڪرڪيٽ ئي اسان سڀني کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي، سمورن ماڻهن جون دعائون ??اڪ??تان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان پرجوش آهيون ته ??اڪ??تان اها مئچ کٽيندو ۽ ??اڪ??تانين جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو، ??اڪ??تان ڪرڪيٽ ٽيم اسان جو فخر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته ??اڪ??تان ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ هوندو ۽ اسان وچ ايشيائي رياستن کي هڪ اهم ڪوريڊور ڏئي سگهنداسين. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلم ڪش حڪومت اقتدار ۾ آهي، جڏهن کان نريندر مودي اقتدار ۾ آيو آهي هن اقليتن ۽ مسلمانن کي نشانو بڻايو، نريندر مودي جي رويي جي ڪري ??اڪ??تان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر نه ٿي سگهيا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ مقبول ترين شخصيت آهي، جيڪڏهن عمران خان دهلي ۾ جلسو ڪري ته اهو جلسو نريندر مودي جي جلسي کان وڏو هوندو. هن چيو ته هي موقعو هو ته ڀارت ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهيا پئي پر نريندر مودي جي رويي جي ڪري انهن لاڳاپن ۾ بهتري نه ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي عام ماڻهو کي سوچڻ گهرجي ته انهن لاڳاپن جي بهتري جا ڪيترا فائدا آهن، ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي ۽ ڪشمير کي آزادي ڏني وڃي ته ان جو فائدو ??اڪ??تان ۽ ڀارت ٻنهي کي ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوورسيز ??اڪ??تانين جي لاءِ اسان ڪيترائي قدم کنيا آهن، وراثت جي سرٽيفڪيٽ جي لاءِ اڳ ۾ اوورسيز ??اڪ??تانين کي ??اڪ??تان اچڻو پوندو هو، ڪورٽ ڪچهرين جا چڪر لڳندا هئا، ان مسئلي کي اسان حل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اوورسيز ??اڪ??تاني نادرا جي آن لائن پورٽل جي ذريعي وراثت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا.