اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ??هي ته (ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کا?? وڌيڪ مهانگائي آهي، حڪومت پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي ۽ ريليف جي ڪري عوام تي عالمي سطح جي مهانگائي جو گهٽ کان گهٽ اثر منتقل ٿيڻ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ??ه يو ??ين ايف اي او جي تازي رپورٽ سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو ??هي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 127 سيڪڙو ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو ??هي. هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان پنهنجي قوم کي هر صورتحال کان آگاهه رکڻ جي نئين روايت قائم ڪئي آهي. فرخ ح??يب چيو ??ه وزيراعظم عمران خان کي غريب، وچولي ۽ پيڙهيل طبقن جو وڌيڪ فڪر آهي. حڪومت احساس پروگرام متعارف ڪرايو ۽ هن وقت احساس پروگرام تحت 34 سماجي تحفظ جا پروگرام ڪامياب سان هلي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ??ه کاڌي پيتي جي شين، ڀاڄين ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڏهاڙي جي بنياد تي وفاق ۽ صوبن جي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ??ه ڪاش (ن) ليگ ڪڏهن سچ به ڳالهائي سگهي، هن وقت دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو سڀ کان گهٽ اثر پاڪستان تي پيو ??هي، وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي شروعات 7 عروج جي دوران به پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. هن چيو ??ه ماضي ۾ عوامي ريليف جا اعلان رڳو نعرن جي حد ??ائ??ن ئي هئا، عملي طور تي پنهنجا ئي کيسا ڀريا ويا. مملڪتي وزير چيو ??ه اڄ ملڪ جي اندر جيڪا به مهانگائي، بيروزگاري آهي ان جي ذميوار (ن) ليگ آهي، حقيقت ۾ (ن) ليگ نيب کان اهڙو اين آر او چاهي ٿي جنهن ۾ انهن جا سمورا ڪيسز هڪدم ختم ٿي وڃن. هن چيو ??ه (ن) ليگ 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ ملڪ جي هر اداري کي مفلوج ڪيو، انهن جي ترجيح ڪرپشن، ڪميشن، مني لانڊرنگ ۽ جعلي ا??ائ??نٽس هئي، 1998ع کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ملڪ ڊيفالٽ ??ائ??ن پهچي ويو. فرخ ح??يب سوال اٿاريو ??ه آءِ ايم ايف وٽ سڀ کان اڳ ڪير ويو ۽ ڇو ان جي ضرورت پئي.