اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتون ۽ وڏن س??ڙپ??ارن سان ملاقاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنع??ي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا، ان دوري سان پاڪ چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه هن وزيراعظم عمر??ن خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي اهم دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران وزيراعظم عمر??ن خان چين جي صدر شي چن ??نگ سان ملاقات ڪندو. صدر شي چن ??نگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان ملاقات ڪندو جيڪو وزيراعظم عمر??ن خان هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان موقعي تي 20 ٻين ملڪن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. وزيراعظم جي چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون به ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنع??ي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان جي چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان به ڌار ڌار ملاقاتن کانسواءِ چين جي وڏن س??ڙپ??ارن سان ملاقاتون به طئي آهن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان گهِري پاڪ چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.