اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبرن مان ٻه ميمبر تبديل، با??ي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثمان حس?? کي ??را??يويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حس?? بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري غربت جي خاتمي ۽ س??اجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جو چيف پيٽرن آهي.