اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر سردار ا??بر ڊوگر ۽ جنرل سيڪريٽري سميت سمورن عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو نئون صدر چونڊ??ڻ تي سردار ا??بر ڊوگر کي تمام گهڻي مبارڪاباد هج??. نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري سميت سموري ٻي نئين چونڊيل باڊي کي پڻ مبارڪباد هج??. هن چيو ته اميد آهي توهان جو دور وڪيلن ۽ بئنچ جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو دور هوندو ۽ وڪيلن جي بهتري توهان جي لاءِ مقدم رهندي.