اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مزار قائد جي معاملي تي هٿياربند فوج ۾ خو?? احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان ??يصلي جو قدر ڪري ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئي ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خل??ف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، سنڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ??اڪ فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿياربند فوج هڪ منظم ا??ارو آهي، مزار قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر خو?? احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان ??ٽايو ويو آهي.